زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين

زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين

زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين

زيدي، ڊاڪٽر ظفر حسنين: ظفر حسنين ولد تـيـمـور عـلـي زيـدي، 4 مارچ 1939ع تي ڀارت جي صوبي اتر پرديش جي بلند شهر ۾ جنم ورتو. سندس شمار پروٽين ڪيمسٽريءَ بابت تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو. هن مئٽرڪ تائين تعليم غلام حسين هدايت الله هاءِ اسڪول حيدرآباد سنڌ مان ورتي، 1961ع ۾ بي. ايس. سي آنرز، 1963ع ۾ ايم. ايس. سي (فزيڪل ڪيمسٽري) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۽ 1968ع ۾ پي. ايڇ. ڊي پروٽين ڪيمسٽريءَ جي ڊگري لنڊن مان حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن عملي زندگيءَ جو آغاز تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪيو. 1963ع کان 1965ع تائين گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر رهيو. ان سان گڏ ايڇ. اي. جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري (ڪراچي يونيورسٽي) ۽ اڪيڊمي سائنس ٿرڊ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس سان لاڳاپيل رهيو. ڪيترن ڏيهي پرڏيهي سائنسي ادارن جو ميمبر به رهيو.
1965ع ڌاري هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’پروٽين ڪيمسٽري ليبارٽري‘ ۽ 1984ع ڌاري لاهور ۾ ’انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرونڪس‘ جا ادارا قائم ڪيا. 1997ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي عهدي تي فائز ٿيو. ان دوران هن ڪراچي يونيورسٽيءَ کي پاڪستان جي مڃيل يونيورسٽين جي سطح تي آندو. جڏهن ته هن يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترا نوان شعبا قائم ڪيا، جن ۾ سيدنا برهان الدين انسٽيٽيوٽ آف جينيٽڪس، عمير پاشا انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس، پنجواڻي انسٽيٽيوٽ آف ماس ڪميونيڪيشن ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير خان انسٽيٽيوٽ آف بايوٽيڪنالاجي پروجيڪٽ شامل آهن. هن وائيس چانسلريءَ دوران پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي شعبي سان گڏوگڏ انڊسٽريل ڊزائين اينڊ ويزن آرٽس شعبو قائم ڪيو. کيس اعليٰ خدمتن عيوض 1987ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان تمغهء امتياز ۽ 1998ع ۾ ’ستاره امتياز‘ پڻ مليا. هن جا ڪيترائي مقالا ۽ ست ڪتاب شايع ٿيل آهن. ظفر زيدي وائس چانسلريءَ دوران ئي7 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.03.04  عيسوي

ظفر حسنين ولد تـيـمـور عـلـي زيـدي، 4 مارچ 1939ع تي ڀارت جي صوبي اتر پرديش جي بلند شهر ۾ جنم ورتو.


2001.01.07  عيسوي

زيدي وائس چانسلريءَ دوران ئي7 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏهرسينه
پيرل پياسي
قاسم سنڌي پاٽائي
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
علي مير شاهه
سيد غوث علي شاهه
سيٺ طيب علي علوي
رايا ييگورووا
ديبلي ابو جعفر محمد بن ابراهيم
رڻمل جاڙيجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون